ٽروبا ٽيسٽ هارائڻ بعد قومي ڪرڪيٽ ٽيم انتظاميا جا مٿي تي هٿ: ٻي ٽيسٽ ۾ وڏين تبديلين جو اشارو: رانديگرن کي وارننگ

ٽروبا ٽيسٽ هارائڻ بعد قومي ڪرڪيٽ ٽيم انتظاميا جا مٿي تي هٿ: ٻي ٽيسٽ ۾ وڏين تبديلين جو اشارو: رانديگرن کي وارننگ

ٽروبا (اسپورٽس نيوز) ٽروبا ٽيسٽ هارائڻ بعد قومي ڪرڪيٽ ٽيم انتظاميا جا مٿي تي هٿ اچي ويا، ٻي ٽيسٽ ۾ وڏين تبديلين جو اشارو ڏيندي رانديگرن کي وارننگ جاري ڪئي وئي. تفصيل موجب ويسٽ انڊيز خلاف ورلڊ ٽيسٽ چيمپين شپ جي ٻن ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ شڪست بعد ٽيم انتظاميا جي رانديگرن سان ڪيل گڏجاڻي جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي، ذريعن موجب هيڊ ڪوچ سرفراز احمد بيٽرن ۽ بالرن کي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ آخري وارننگ ڏئي ڇڏي آهي سندس چوڻ هو ته  اسين هتي هارائڻ نه پر کٽڻ آيا آهيون، جيڪڏهن رانديگر سئو سيڪڙو ڪارڪردگي نٿا ڏيکارين ته پوءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا، ايندڙ سيريز هن کان به وڌيڪ ڏکي آهي. سرفراز احمد چيو ته پاڪستان جي بيٽنگ مايوس ڪيو ۽ اڪثر ٻي اننگز ۾ بيٽنگ لائين ناڪام ٿي ويندي آهي. هن چيو ته پهرين اننگز ۾ پاڪستان کي سرسي حاصل ڪرڻ گهرجي ها، امام الحق سٺي بيٽنگ ڪري رهيو هو، جيڪڏهن هو ٿورو وڌيڪ صبر ڪري ها ته ٽيم کي ليڊ ملي سگهي پئي. هيڊ ڪوچ موجب، ٽئين ڏينهن ويسٽ انڊيز جي اٺين وڪيٽ جي ڀائيواري ۾ 61 رنسون نه ٺهڻ گهرجن ها، ڇاڪاڻ ته پِچ تيز بالرن لاءِ سازگار هئي. سندس چوڻ هو ته ٽيم پچ کي صحيح نموني سمجهيو هو، تنهنڪري پنج بالرن سان ميدان ۾ لٿا هئاسين، اميد آهي ته ٻي ٽيسٽ ۾ بهتر واپسي ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ سرفراز احمد چيو ته سعود شڪيل ۽ عبدالله شفيق کي موقعو ڏيڻ تي غور ڪيو ويندو، پر آخري فيصلو پچ ۽ ڪنڊيشن کي ڏسي ڪيو ويندو. واضح رهي ته ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ٽيسٽ ۾ ويسٽ انڊيز پاڪستان کي 90 رنسن تان شڪست ڏئي 0-1 جي سرسي حاصل ويسٽ انڊيز جي 211 رنسن جي هدف جي جواب ۾ پاڪستان جي ٽيم ٻي اننگز ۾ رڳو 120 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جڏهن ته 8 رانديگر ڊبل فگر ۾ داخل نه ٿي سگهيا.