| ٽريفڪ مسئلا ۽ سيڪيورٽي: اسلام آباد ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ٺهندو |
اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ ميچن دوران ٽريفڪ جام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ گهرو وزارت اسلام آباد ۾ هڪ اسٽيڊيم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سيڪٽر ڊي-12 ۾ هڪ عالمي معيار جو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ٺاهيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزير سي ڊي اي چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته اهو منصوبو هڪ سال اندر مڪمل ڪيو وڃي. دبئي طرز جو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ٺاهيو ويندو. شهر کان پري اسٽيڊيم ٺاهڻ سان ٽرئفڪ جا مسئلا ختم ٿي ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽيڊيم جي ويجهو هڪ سيون اسٽار هوٽل پڻ ٺاهيو ويندو، بين الاقوامي ٽيمن لاءِ رهائش جون سهولتون شامل هونديون، جديد پارڪنگ، سيڪيورٽي ۽ ٽرانسپورٽ جون سهولتون منصوبي جو حصو هونديون.