| ٽريفڪ پوليس کان بچايو: ملير ۾ رڪشا ڊرائيورن جو ڌرڻو |
ملير (رپورٽر) ملير ۾ گلشن حديد کان قائدآباد روٽ تي هلندڙ رڪشا ڊرائيورن ٽريفڪ پوليس جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، جنهن سببب ٽريفڪ معطل رهي، ان موقعي تي رڪشا ڊرائيورن سعيد احمد، عابد ڪورائي، علي مراد جتوئي، امير الله خان چيو ته ٽريفڪ پوليس بنا جواز رڪشا ڊرائيورن کي روڪي تنگ پئي ڪري، خرچي نه ڏيندڙن کي چالان ڪري رڪشا بند ڪيو ٿو وڃي، هنن الزام مڙهيو ته ڀتا مافيا پڻ اسان کان في رڪشا 500 رپيا وصول ڪري ٿي، مٿان وري ٽريفڪ پوليس رڻ ٻاري ڏنو آهي، هنن چيو ته اسان کي انصاف ڏياريو وڃي.