نوابشاهه(رپورٽر) سرهاڙي ويجهو ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيل 30 ڄڻن مان 28 ڄڻن جي سڃاڻپ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا ٻن لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، سڃاڻپ نه ٿيل ٻئي لاش نوابشاهه جي اسپتال ۾ رکيا ويا
ڊي سي نوابشاهه موجب زخمين مان هن وقت رڳو 21 ڄڻا علاج هيٺ آهن ٽن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جڏهن ته اسپتال انتظاميا زخمين جي علاج ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي
ٻئي طرف ٽنڊو آدم سان تعلق رکندڙ 10 فوتين جي اباڻن علائقن ۾ تدفين ڪئي وئي، تدفين وقت علائقن ۾ سوڳ واري ڪيفيت ڇائنجي وئي