ٽرين حادثي ۾ سکر واسي ريلوي ملازم فوت: لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام

ٽرين حادثي ۾ سکر واسي ريلوي ملازم فوت: لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام

سکر (بيورو رپورٽ) لاکا روڊ ويجهو ٽرين حادثي ۾ فوت ٿي ويل سکر گرم گودي جي رهواسي نديم شاهه جو لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو. اسسٽنٽ ٽرين ڊرائيور نديم شاهه موڪل تي سکر اچي رهيو هو ته رستي ۾ مسافر ٽرين جو مال گاڏيءَ سان ٽڪر ٿي پيو. جنهن جي نتيجي ۾ نديم شاهه فوت ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪجهه عرصو اڳ نديم شاهه جو والد رحيم شاهه ڦورن هٿان قتل ٿيو هو، پٽ نديم شاهه کي ان جي ڪوٽا تي نوڪري ملي هئي، ريلوي آفيسرن ۽ ملازمن وڏي انگ ۾ نديم شاهه جي تڏي تي پهچي وارثن سان ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ريلوي ملازم يونين جي مرڪزي سيڪريٽري خير محمد تنيو، ڊويزنل صدر اختر عباسي ۽ ٻين چيو آهي ته نديم شاهه جي وارثن جي هن وقت تائين ريلوي اختيارين ڪا به مدد ناهي ڪئي. هنن ريلوي واري وفاقي وزير توڙي لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوتيءَ جي وارثن جي مالي مدد ڪئي وڃي ۽ ٻارڙن جي رهائش توڙي پڙهائي جي لاءِ ريلوي اختياريون قدم کڻن.