ٽريڪٽر جا ليزر وٺڻ لاءِ سکر ويل ساڪري جو زميندار اغوا
مارچ 29, 2025
ميرپور ساڪرو(ن پ ا) ميرپور ساڪرو جو زميندار ٽريڪٽر جي لاءِ ليزر وٺڻ لا سکر ويو ته مبينا طور تي اغوا ٿي ويو، وارثن کان ڌاڙيلن پاران ڀنگ طلب، خبر موجب ساڪرو لڳ يوسي ٻھارا جو زميندار فقير عظيم جوکيو 25 مارچ تي ساڪرو کان نوابشاهه مان ليزر بليٽ وٺڻ لا ويو ته کيس سکر مان فونن ذريعي گھرايو ته توهان کي بليٽ مناسب اگھه تي ڏيون ٿا، جتان مبينا طور تي اغوا ٿي ويو آهي، وارثن علي اڪبر جوکيو، فقير عظيم جوکيو ڀنگ لا ڌاڙيلن فونون پڻ ڪيون آهن، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺن اسان اتان جي ايس ايچ او زاھد نوناري کي پڻ اطلاح ڪيو، جنهن سندس سوشل ميڊيا پيج تان غلط رنگ ڏئي چيو ته عظيم جوکيو ڪچي ۾ شادي لا آيو ھو ته اغوا ٿيو آهي، مغوي جا وارث سخت پريشان بڻيل آهن.