سڀ کان پهرين ته اوهان سڀني جي شاندار موٽ جي مهرباني. اوهان تمام گهڻو پيار ڏنو. هاڻوڪي ايران ۽ آمريڪا جي جنگ ۾ ڪوشش اها هئي ته رٽيل بيانيي بدران اوهان کي ڪجهه “سوچڻ لاءِ مواد” پيش ڪيو وڃي. جيڪو ڪجهه لکيو ويو، اهو عام هو، پر اوهان جي تبصرن ان کي خاص بڻائي ڇڏيو. خاص طور تي سفارتڪاريءَ جا داؤ پيچ ۽ طاقت ۽ اثر رسوخ جي پردي جي پويان راند کي ڪيترن ئي ماڻهن ساراهيو. هڪ سوال بار بار پڇيو ويو ته “ٽريڪ ون” ڇا آهي ۽ ‘ٽريڪ ٽو” ڇا آهي؟ اڄ جي تحرير انهيءَ حوالي سان ڪجهه نون رخن سان اوهان کي واقف ڪرائيندي.
جيڪا ڳالهه سڀني کي نظر اچي ٿي، اها آهي ته اسلام آباد ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيون. جيڪا ڳالهه نظر نٿي اچي، اها آهي ته ڳالهيون اڃا ختم ناهن ٿيون.سفارتڪاريءَ جون ٻه سطحون ٿينديون آهن. پهرين سطح اها آهي جيڪا ڪيمرائن جي سامهون ٿيندي آهي: بيان، پريس ڪانفرنسون، ٽروٿ سوشل پوسٽون، ايئر فورس ٽو جي ڏاڪڻين تي چڙهندي آڱوٺو ڏيکارڻ. ٻي سطح اها آهي جيڪا ڪيمرائن کان پري ٿيندي آهي: فون ڪالون، ڳجها پيغام، ٽياڪڙن جي اچ وڃ، لکيل مسودن جي ڏي وٺ. سفارتي ٻوليءَ ۾ پهرين سطح کي “ٽريڪ ون” ۽ ٻيءَ کي “ٽريڪ ٽو” چيو ويندو آهي. اسلام آباد ۾ ٽريڪ ون ناڪام ٿيو، پر ٽريڪ ٽو اڃا زنده آهي. اچو ته ثبوت ڏسون.
پهريون ثبوت عراقچي جو “اسلام آباد ايم او يو” آهي. الجزيره رپورٽ ڪيو ته ايراني پرڏيهي وزير تهران موٽڻ بعد ايڪس تي لکيو: “جڏهن اسين اسلام آباد ايم او يو کان انچن جي فاصلي تي هئاسين ته وڌ ۾ وڌ مطالبا، بدلجندڙ هدف ۽ ناڪابندي سامھون اچي ويا.” الجزيره لکيو ته، “اسلام آباد ايم او يو” جو حوالو هينئر تائين سڀ کان واضح عوامي اشارو آهي ته ٻئي ڌريون ڪنهن باضابطا معاهدي جي ايترو ويجهو پهتيون هيون، جيترو اڳ ڪنهن حڪومت تسليم نه ڪيو هو. مطلب ته هڪ مسودو موجود هو. ان مسودي تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. لفظ لکيا ويا هئا. شقون ٺهيون هيون. صحيون ٿيڻ واريون ھيون. نه ٿيون. پر مسودو موجود آهي.۽ جڏهن مسودو موجود هجي ته ان جو مطلب ته سفارتڪاري جا پساهه پورا ناهن ٿيا. اها ٽريڪ ٽو ۾ هلي وڃي ٿي.ٻيو ثبوت ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان بقائي جا لفظ آهن. اين بي سي نيوز رپورٽ ڪيو ته بقائي ايراني نيوز ايجنسي ايس اين اين کي ٻڌايو: “هي ڳالهيون 40 ڏينهن جي مڙھيل جنگ کان پوءِ بي اعتمادي ۽ شڪ جي ماحول ۾ ٿيون. ڪجهه مسئلن تي گڏيل اتفاق پيدا ٿيو، پر ٻن ٽن اهم مسئلن تي اختلاف رهيو. لکيل مسودن جي ڏي وٺ ٿي.” “لکيل مسودن جي ڏي وٺ” اهم لفظ آهن. جڏهن لکيل مسودا هجن ته ڳالهه صرف زباني نه رهندي آهي، اها ڪاغذ تي اچي ويندي آهي. ۽ ڪاغذ تي آيل ڳالهه پردي پٺيان جاري رهندي آهي، ڀلي ظاهر طور ناڪامي ڇو نه هجي.
ٽيون ثبوت پاڪستان جا بيان آهن. اسحاق ڊار چيو: “پاڪستان ايندڙ ڏينهن ۾ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو.” “ايندڙ ڏينهن ۾” جا لفظ نوٽ ڪريو. اها مستقبل جي ڳالهه آهي. اهو نه چيو ويو ته، “اسان جو ڪم ختم ٿيو.” چيو ويو “جاري رهندو.” الجزيره رپورٽ ڪيو آهي ته، پاڪستاني عملدار تسليم ڪن ٿا ته اصل ڏکيو مرحلو هاڻي شروع ٿئي ٿو: “آمريڪي ۽ ايراني ڳالهين ڪندڙن کي جنگ ٻيهر شروع ٿيڻ کان اڳ ٻيهر ڳالهين جي ميز تي آڻڻ.” لڳي ٿو ته اهو ڪم شايد هن هفتي اندر ٿي ويندو.
چوٿون ثبوت اسلام آباد ۾ ايران جي سفير، رضا اميري مقدم جا لفظ آهن. ٽائم ميگزين رپورٽ ڪيو آهي ته، هن ڳالهين کي “هڪ واقعو نه پر هڪ عمل” قرار ڏنو، جنهن “مستقبل جي مصروفيت جو بنياد وڌو آهي.” “عمل” ۽ “بنياد” جا لفظ “ٽريڪ ٽو” جي ٻولي آهي. جڏهن سفير چوي ته “بنياد وڌو آهي” ته ان جو مطلب آهي ته عمارت اڃا ٺهڻي آهي ۽ تعمير جاري رهندي.پنجون ثبوت قاليباف جا لفظ آهن. اي بي سي نيوز رپورٽ ڪيو آهي ته قاليباف ايڪس تي لکيو: “آمريڪا ايران جي منطق ۽ اصولن کي سمجهي ورتو آهي. هاڻي فيصلو انھن تي آهي ته هو اسان جو اعتماد حاصل ڪري سگهن ٿا يا نه.” “فيصلو انهن جو آهي” جو مطلب آهي: هاڻي بال انهن جي ميدان ۾ آهي. اسان پنهنجي ڳالهه رکي ڇڏي آهي. هاڻي اهي سوچين. اها دروازو بند ڪرڻ جي ٻولي ناهي، بلڪه دروازو کليل رکڻ ۽ سامهون واري ڌر کي اچڻ جي دعوت ڏيڻ جي ٻولي آهي.ڇهون ثبوت سڀ کان اهم آهي. الجزيره 13 اپريل تي هڪ تفصيلي تجزياتي مضمون شايع ڪيو، جنهن جي سرخي هئي: “پاڪستان آمريڪا- ايران ڳالهين کي ٻيهر شروع ڪرائڻ لاءِ “سوڙھي ڳڙکيء” تي نظر رکي رهيو آهي.” الجزيره لکيو ته آمريڪي عملدارن “پردي پٺيان” ڳالهه اھا ڪئي ته ٽرمپ پاران هرمز واري سامونڊي لنگهه جي ناڪابندي “فوري ردعمل نه پر اڳواٽ طئي ٿيل قدم” هو، جنهن جو مقصد ان سامونڊي لنگهه کي ايران جي سودي بازيءَ جي اوزار طور ختم ڪرڻ ۽ ايٽمي مسئلي کي مستقبل جي ڪنهن به ڳالهين جي مرڪز ۾ واپس آڻڻ هو. پر ساڳئي وقت اهو به تسليم ڪيو ويو ته واشنگٽن ۽ تهران جي وچ ۾ جيڪا وٿي هئي، اها صرف ايٽمي پروگرام تائين محدود نه هئي پر ان کان اڳتي به پکڙيل آهي.
هيءَ ڳالهه سمجهو: جڏهن آمريڪي عملدار “پردي پٺيان” چون ته ناڪابندي “اڳواٽ طئي ٿيل” هئي، ته ان جو مطلب آهي ته واشنگٽن ڳالهين جي ناڪاميءَ کي ايندڙ مرحلي لاءِ استعمال ڪيو آهي. ناڪامي ڪو حادثو نه هئي، پر حڪمت عملي هئي. ناڪابندي دٻاءُ آهي ته جيئن ايران “آخري ۽ بهترين پيشڪش” تي ٻيهر غور ڪري.ستون ثبوت عراقچي جو يورپي محاذ آهي. بي بي سي رپورٽ ڪيو آهي ته عراقچي اعلان ڪيو آهي ته هو برلن، پيرس ۽ لنڊن سان ڳالهائڻ چاهي ٿو. اها “ٽريڪ ٽو” جي روايتي چال آهي: جڏهن هڪ دروازي تان ڳالهه نه ٺهي، ته ٻئي دروازي تان وڃو. 2015 واري ايٽمي معاهدي ۾ يورپ به شامل هو. عراقچي ساڳيو فريم ورڪ ٻيهر آڻڻ چاهي ٿو. يورپ کي شامل ڪرڻ جا ٻه مقصد آهن: هڪ، آمريڪا تي دٻاءُ وڌائڻ ته ان جا پنهنجا اتحادي به مطمئن ناهن؛ ٻيو، جيڪڏهن ٽرمپ معاهدي کان انڪار ڪري، ته يورپ سان الڳ معاهدي جو بنياد تيار ڪرڻ.
اٺون ثبوت عمان جو آواز آهي. الجزيره رپورٽ ڪيو آهي ته عمان جي پرڏيهي وزير بدر البوسعيدي ايڪس تي لکيو: “مان اپيل ڪريان ٿو ته جنگبندي کي وڌايو وڃي ۽ ڳالهيون جاري رهن. ڪاميابي لاءِ شايد سڀني کي دل تي پٿر رکي رعايتون ڏيڻيون پونديون، پر اها ناڪامي ۽ جنگ جي تڪليف جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به ناهي.”
عمان اهو ملڪ آهي جيڪو 2013 کان آمريڪا- ايران بيڪ چينل جو ذميوار رهيو آهي. جڏهن عمان ڳالهائي ٿو ته سمجهي وٺو ته پردي پٺيان ڪجهه نه ڪجهه هلي رهيو آهي. البوسعيدي ٻڌايو ته هو وينس سان جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ مليو هو ۽ سندس تاثر هو ته وينس ۽ ٽرمپ وٽ “جنگ جي مونجھاري کان بچڻ جي حقيقي ۽ مضبوط خواهش” موجود آهي. اهي لفظ هڪ سرگرم ٽياڪڙ جا آهن، نه ڪي ڪنهن تماشائي جا.نائون ثبوت چين جو ڪردار آهي. اين بي سي نيوز رپورٽ ڪيو آهي ته، “چيني وزيراعظم خليجي امن ڪوششن ۾ وڌندڙ ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي.” سي اين اين ٻڌايو ته چيني، مصري، سعودي ۽ قطري عملدار اسلام آباد ۾ موجود هئا. چين ايران جو سڀ کان وڏو واپاري ڀائيوار آهي. جڏهن چين ڳالهائي ٿو ته تهران ٻڌي ٿو. ۽ جڏهن چين “وڌندڙ ڪردار” جو عزم ڪري ٿو ته ان جو مطلب آهي ته بيڪ چينل سرگرم آهي. چين جي وزير دفاع کلي ڪري چيو آهي ته ايران سان چين جي تمام گهري سيڙپڪاري آهي ۽ چيني جهازن کي ڪو هٿ نه لڳائي.
هاڻي سفارتي تاريخ مان “ٽريڪ ٽو” کي سمجهو:
1978 ۾ ڪيمپ ڊيوڊ ڳالهين کان اڳ مصر ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڳجهن پيغامن جو سلسلو مهينن تائين جاري رهيو. رومانيا جي صدر چاوشيسڪو ٽياڪڙي ڪئي. مراڪش جي بادشاهه حسن ڳجهو چينل فراهم ڪيو. جڏهن ڪارٽر ٻنهي کي ڪيمپ ڊيوڊ سڏايو ته بنيادي شرط اڳ ئي طئي ٿي چڪا هئا. ظاهري طور ٿيندڙ ڳالهيون اصل ڳالهيون نه هيون؛ اصل ڪم پردي پٺيان ٿي چڪو هو.
1993 ۾ اوسلو معاهدي کان اڳ ناروي جي هڪ تعليمي اداري فلسطيني ۽ اسرائيلي “غير سرڪاري” نمائندن کي هڪ فارم هائوس ۾ گڏ ڪيو. مهينن تائين ڳجهي ڳالهه ٻولهه ٿي. حڪومتن دعويٰ ڪئي ته هو کين ڪا خبر ڪانهي. جڏهن معاهدو تيار ٿيو ته وائيٽ هائوس جي لان ۾ اعلان ڪيو ويو. پر اصل ڪم ناروي جي ان فارم هائوس ۾ ٿيو، جتي ڪا ڪئميرا نه هئي.پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ “ٽريڪ ٽو” جي تاريخ ايتري ئي پراڻي آهي، جيتري سندن دشمني. 1990 واري ڏهاڪي کان رٽائرڊ جنرلن، اڳوڻن سفيرن ۽ اڳوڻن انٽيليجنس عملدارن جون خاموش ملاقاتون ٿينديون رهيون، جيڪي سرڪاري نمائندا نه هوندا هئا پر پنهنجين حڪومتن کي رپورٽ ضرور ڪندا هئا. نشتر سنگهه وائي گروپ، پگواش ڪانفرنسز، اوٽاوا ڊائلاگ، چونڊريگر سيمينارز ۽ سول سوسائٽي جي پليٽ فارمن جهڙوڪ پاڪستان- انڊيا پيپلز فورم فار پيس اينڊ ڊيموڪريسي تي ڳالهيون ٿينديون رهيون. فارين پاليسي لکي ٿو ته، 1999 جي ڪارگل بحران کان پوءِ، 2001 جي پارليامينٽ حملي کان پوءِ، 2008 جي ممبئي حملي کان پوءِ ۽ 2016 جي سرجيڪل اسٽرائيڪ کان پوءِ هر ڀيري سرڪاري لاڳاپا منجمد ٿيا، پر “ٽريڪ ٽو” خاموشي سان رابطا قائم رکيا.2004 ۾ مشرف ۽ واجپائي جو بيڪ چينل سڀ کان وڌيڪ ڪامياب رهيو، جنهن ۾ “ٽريڪ ٽو” جي تجربن سرڪاري ڳالهين جو بنياد رکيو ۽ ڪشمير بابت هڪ فارمولو تقريباً تيار ٿي ويو هو. پر مئي 2025 جي چئن ڏينهن واري تڪرار کان اڳ “ٽريڪ ٽو” عملي طور ختم ٿي چڪو هو. فارين پاليسي لکي ٿو ته، “باقاعده سفارتي مصروفيت جي غير موجودگي شايد تڪرار جي شدت ۽ بي قابو ٿيڻ جي خطري جو سبب آهي.”
2015 جي ايران ايٽمي معاهدي کان اڳ عمان 2013 ۾ هڪ ڳجهو بيڪ چينل کوليو هو. آمريڪي نائب پرڏيهي وزير وليم برنز (جيڪو بعد ۾ سي آءِ اي جو ڊائريڪٽر بڻيو) مسقط ۾ ايراني عملدارن سان ڳجهيون ملاقاتون ڪيون. مهينن تائين ڪنهن کي خبر نه هئي. جڏهن ڳالهه ٺهي ته جنيوا ۽ ويانا ۾ ظاهر ڳالهين جو آغاز ٿيو. پر بنياد مسقط ۾ رکيو ويو ھو.
هاڻي اسلام آباد ڳالهين کان پوءِ ڇا ٿي رهيو آهي؟
الجزيره 13 اپريل تي هڪ تفصيلي رپورٽ شايع ڪئي، جنهن ۾ اسلام آباد ڳالهين جي اندروني منظرنامي جي وضاحت ڪئي وئي. لکيو ويو: “جيڪي ماڻهو ڳالهين کان واقف آهن، انهن جو چوڻ آهي ته پيشرفت ٽڪرن ۾ آئي: هم آهنگي جا ننڍڙا حصا سامهون آيا، جن کان پوءِ فوراً ٻين نڪتن تي مزاحمت ٿي.” ٽائم ميگزين لکيو: “پيشرفت اميد پيدا ڪئي ته ڳالهه ٻولهه ختم نه ٿي آهي.”
واشنگٽن ۾ سينٽر فار انٽرنيشنل پاليسي جي سينيئر فيلو سينا توسي ٽائم کي ٻڌايو: “ٻنهي ڌرين لاءِ ٻيهر جنگ جي قيمت تمام وڏي آهي. پر واشنگٽن ۽ تهران جي سياسي تحرڪ ۽ وڌ ۾ وڌ مطالبن جو رجحان آساني سان معاملن کي ٻيهر ٽڪراءَ ڏانهن ڌڪي سگهي ٿو.” مڊل ايسٽ پاليسي ڪائونسل جي ڪامران بخاري ٽائم کي ٻڌايو ته اسلام آباد ڳالهين “هڪ سفارتي عمل جو بنياد وڌو آهي، جيڪو جيڪڏهن اعتماد ۽ ارادو مضبوط ٿيو ته سڀني ڌرين جي مفادن لاءِ پائيدار ڍانچو بڻجي سگهي ٿو.”
ٽائم هڪ ٻي ڳالهه به لکي، جيڪا سڀ کان وڌيڪ اهم آهي: “آمريڪا جي طرفان پيشڪش هڪ وڏو سودو هو: ايران تي پابندين جو خاتمو، ملڪ کي مڪمل طور تي بين الاقوامي برادري ۾ شامل ڪرڻ، ايتري قدر جو هڪ …” جملو اڌورو آهي، پر اشارو صاف آهي: آمريڪا صرف مطالبا نه رکيا، پر هڪ “گرينڊ بارگين” به پيش ڪئي. پابندين جو خاتمو، عالمي برادري ۾ شموليت، شايد واپاري لاڳاپا، شايد سفارتي لاڳاپن جي بحالي – اهي سڀ ڳالهيون آهن جيڪي “ٽريڪ ون” ۾ ظاهر نه ٿيون، پر “ٽريڪ ٽو” ۾ بحث هيٺ آيون.
ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان بقائي اهو جملو چيو، جيڪو “ٽريڪ ٽو” جي تصديق ڪري ٿو: “اسان کي يقين آهي ته اسان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ رابطا ۽ اسان جي علائقي جي ٻين دوستن سان صلاح مشورا جاري رهندا.” “علائقي جا ٻيا دوست” ڪير آهن؟ عمان، چين، قطر، ترڪيه – اهي سڀ “ٽريڪ ٽو” جا اهم رانديگر آهن.
ته پوءِ “ٽريڪ ٽو” هاڻي ڪٿي آهي؟
پهريون: پاڪستان جو ذريعو سرگرم آهي. فيلڊ مارشل منير جا ٽرمپ ۽ ايراني قيادت ٻنهي سان ذاتي لاڳاپا آهن. اسحاق ڊار “ايندڙ ڏينهن” جو ذڪر ڪيو آهي. سي اين اين لکيو ته “پاڪستاني نقطه نظر کان اڃا به اميد آهي ته آمريڪا ۽ ايران اسلام آباد جي ٽياڪڙيء هيٺ ڳالهين جي ميز تي واپس اچي سگهن ٿا.”
ٻيو: عمان جو ذريعو سرگرم آهي. البوسعيدي جي اپيل اتفاقي نه آهي. عمان 2013 کان هن عمل ۾ شامل آهي.
ٽيون: چين جو ذريعو سرگرم آهي. چيني وزيراعظم خليجي امن ۾ “وڌندڙ ڪردار” جو عزم ڪيو آهي۔
چوٿون: يورپي ذريعو کلي رهيو آهي. عراقچي برلن، پيرس ۽ لنڊن جا نالا ورتا آهن۔
پنجون: “اسلام آباد ايم او يو” جو مسودو موجود آهي۔ لکيل مسودن جي ڏي وٺ ٿي چڪي آهي۔
شقون ڪاغذ تي موجود آهن. اهو مسودو هاڻي ڪنهن جي ڪٻٽ ۾ پيو آهي، ۽ ڪٻٽ ۾ پيل مسودا مرندا ناهن – اهي انتظار ڪندا آهن.
22 اپريل تي جنگ بندي ختم ٿئي ٿي. ست ڏينهن باقي آهن. انهن ڏينهن ۾ ٽريڪ ون خاموش رهندو. ٽرمپ ناڪابندي جون ڌمڪيون ڏيندو. ايران سخت بيان ڏيندو. ٻه چار هوائي فائر به ٿي سگهن ٿا. ٻئي ڌريون پنهنجي عوام کي خطاب ڪنديون ۽ ٻانھون کنجينديون. پر “ٽريڪ ٽو” ۾ فون ڪالون ٿينديون. پيغام ويندا. پاڪستان، عمان ۽ چين جي ذريعي مسودن کي ٻيهر ڏٺو ويندو.
اصل ڪاميابي اها آهي جيڪا اوهان جي سامهون اسلام آباد ۾ ٿي چڪي آهي. اهو هينئر تائين سڀ کان وڏو بريڪ ٿرو هو. ٻنهي ڌرين حاضر ٿي، سڌي ريت ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ لکيل موقف جي ڏي وٺ ڪئي – اهڙو قدم جيڪو ڪجهه وقت اڳ ناممڪن لڳندو هو. آمريڪي نائب صدر ۽ قاليباف هٿ ملايو. جنگ بندي قائم آهي ۽ اھا ڳالهين ڪندڙن کي هڪ سوڙھي ڳڙکي مهيا ڪري ٿي. ڳڙکي سوڙھي ئي سھي پر ڳڙکي آهي. بند ناهي ٿي.
سفارتڪاري جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سڀ کان اهم معاهدا اهي هوندا آهن، جيڪي ناڪاميءَ کان پوءِ ٿيندا آهن. ڪيمپ ڊيوڊ کان اڳ سادات جي پارليامينٽ تقرير ناڪام ٿي هئي. اوسلو کان اڳ مڊريڊ ڪانفرنس ناڪام ٿي هئي. ايران جي ايٽمي معاهدي کان اڳ استنبول ۽ بغداد جون ڳالهيون ناڪام ٿيون هيون. هر ناڪامي ايندڙ ڪاميابي جو بنياد بڻجي ٿي، ڇاڪاڻ تہ ناڪامي سان ٻنهي ڌرين کي خبر پوي ٿي ته سامهون وارو ڪٿي نه جهڪندو. ۽ جڏهن اهو معلوم ٿي وڃي ته ڪٿي نه جهڪندو، ته پوءِ ان جي چوڌاري ڪم ڪيو ويندو آهي.
اسلام آباد اهو ڪم ڪيو آهي جيڪو ناڪاميءَ کان اڳ ٿيڻ ضروري هو: پهرين 15 ڏينهن جي جنگ بندي ڪرائي، ٻنهي کي هڪ ڪمري ۾ ويهاريو، ڳاڙهيون ليڪون واضح ڪرايون، لکيل مسودا تيار ڪرايا ۽ 21 ڪلاڪ اهڙو وقت خريد ڪيو، جنهن ۾ بم نه ڪِريا.
هاڻي “ٽريڪ ٽو” جو ڪم شروع ٿئي ٿو – خاموش ڪم، بي آواز ڪم، فون تي ٿيندڙ ڪم، ڳجهن پيغامن جو ڪم. اهو ڪم جيڪو ڪنهن کي نظر نٿو اچي، پر جنهن کانسواءِ ٽريڪ ون ڪڏهن به ڪامياب نٿو ٿئي.
عراقچي لکيو: “دوستيء جو جواب دوستي آهي، دشمنيءَ جو جواب دشمني.”
“ٽريڪ ٽو” جو اصول هر هنڌ هڪ ئي آهي: جڏهن اڳيون دروازو بند ٿي وڃي ته پٺيون دروازو کليل رکو. اسلام آباد ايران ۽ آمريڪا لاءِ اهو پٺيون دروازو ٺاهيو آهي- اتي جتي ڪا ڪئمیرا ناهي، جتي رٽائرڊ جنرل ۽ اڳوڻا سفير چانهه پيئندا آهن ۽ اهي ڳالهيون ڪندا آهن جيڪي انهن جا اڳواڻ ڪئمیرائن جي سامهون نٿا ڪري سگهن.سوال اهو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڪهڙو جواب اچي ٿو – دوستي يا دشمني؟ جواب “ٽريڪ ٽو” ۾ لکيو پيو وڃي ۽ هڪ هفتي اندر اسان جي سامهون هوندو.