| ٽماٽن، بصرن، پٽاٽن ۽ اٽي سوڌو 23 شين جا اگهه وڌي ويا: حڪومت پاران مهانگائي گهٽجڻ جي دعويٰ |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) شماريات کاتي هفتيوار مهانگائي بابت انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ مهانگائي ۾ 0.98 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته سالياني بنيادن تي مهانگائي جي واڌ جي شرح 13.52 سيڪڙو رهي. شماريات کاتي موجب هفتيوار جائزي ۾ شامل 51 شين مان 23 شين جا اگهه وڌيا، 11 شين جا اگهه گهٽيا، جڏهن ته 17 شين جا اگهه برقرار رهيا. پيٽرول 19.77 سيڪڙو، ڊيزل 17.73 سيڪڙو ۽ ايل پي جي 12.60 سيڪڙو سستي ٿي. ان جي ابتڙ ٽماٽر 125.40 سيڪڙو، بصر 10.72 سيڪڙو ۽ پٽاٽا 10.06 سيڪڙو مهانگا ٿيا. پڌرائي مطابق آنن جي اگهن ۾ 8.32 سيڪڙو ۽ اٽي جي قيمت ۾ 5.08 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪڪڙ جو گوشت 1.97 سيڪڙو، ڪيلا 1.44 سيڪڙو ۽ مڱ جي دال 1.29 سيڪڙو سستي ٿي. سالياني بنيادن تي ٽماٽر 238.72 سيڪڙو، بصر 80.96 سيڪڙو ۽ اٽو 68.47 سيڪڙو مهانگو ٿيو، جڏهن ته بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ 49.14 سيڪڙو ۽ ايل پي جي جي اگهه ۾ 44.08 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. هڪ سال دوران پٽاٽو 36.60 سيڪڙو، ڄڻن جي دال 22.11 سيڪڙو ۽ کنڊ 19.42 سيڪڙو سستي ٿي آهي.