ٽنڊوآدم: ايس پي ٽيم جي موبائل دڪان ۾ داخل: 4 اهلڪار زخمي

ٽنڊوآدم: ايس پي ٽيم جي موبائل دڪان ۾ داخل: 4 اهلڪار زخمي

ٽنڊوآدم(ن پ ا) ٽنڊي آدم ۾ ايس ايس پي جي اسپيشل ٽيم جي موبائيل دڪان ۾ داخل ٿيڻ بعد ڪلٽي، 4 اهلڪار زخمي، دڪان کي نقصان پهتو، ان ڏس ۾ ٽنڊي آدم ڀرسان کنڊو روڊ تي سوئي گئس اسٽاپ وٽ منشيات فروشن جو پيڇو ڪرڻ دوران ايس ايس پي سانگهڙ جي اسپيشل ٽيم جي تيز رفتار موبائيل جهانگير رند جي سيڌي جي دڪان جو شٽر  ٽوڙي اندر داخل ٿيڻ بعد ڪلٽي ٿي پئي، جنهن سبب موبائيل ۾ ويٺل 4 پوليس اهلڪار اظھر پٽ فضل حسين، نصرالله پٽ محمد خان، ظفر پٽ داد محمد ۽ مير مرتضيٰ پٽ ڀورو خان زخمي ٿي پيا، جڏهن ته دڪان جي ڀتين ۽ سامان کي پڻ نقصان پهتو. زخمي پوليس اهلڪارن کي تعلقي اسپتال آندو ويو.