| ٽنڊوآدم: شاخ کي 15 فوٽ گهارو: پاڻي 2 ڳوٺن ۾ داخل: ڪڻڪ جي فصل کي ڪاپاري نقصان |
ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊي آدم ويجهو ٻرڙا مائنر کي 15 فوٽ گهارو: پاڻي 2 ڳوٺن ۾ داخل، ڪڻڪ جي فصل کي نقصان، رپورٽ موجب ٽنڊي آدم ويجهو ٻرڙا مائنر کي ڳوٺ ڪرڙ ٻرڙو وٽان 15 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن بعد ڳوٺ جلال مري ۽ ڪرڙ ٻرڙو ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، ڳوٺاڻن من ٻرڙو، رشيد مري ۽ ٻين دانهيو ته ٻرڙا مائينر کي لڳل گهاري سبب ٻن ڳوٺن جلال مري ۽ ڪرڙ ٻرڙو ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آھي، گهاري سبب فصل پاڻي ۾ ٻڏي ويا آھن، ڪڻڪ جي تيار فصل کي نقصان پهتو آھي، اطلاع باوجود آبپاشي عملو ناهي پهتو جنهن سبب گهارو بند ٿي ناهي سگهيو ،گهاري سبب سهڻي ڍوري ۾ چاڙھ اچي ويو آھي، هنن گهر ڪئي ته گهارو بند ڪري وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي