ٽنڊوآدم لڳ شادي جو آسرو ڏئي نينگري سان 2 ڄڻن جي زيادتي، ويڊيو رڪارڊ

ڊسمبر 16, 2023

ٽنڊوآدم (رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊوآدم لڳ نينگري سان شادي جو آسرو ڏئي 2 ڄڻن جي اجتماعي زيادتي، ويڊيو ٺاهڻ جو انڪشاف، پوليس جوابدار گرفتار ڪري ورتا

 ڳوٺ مير حسن مري ۾ 2 جوابدارن پاران 15 سالن جي نينگري نصيبو کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائي ويڊيو ٺاهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

 ان سلسلي ۾ نينگري نصيبو ٻڌايو ته جوابدار دلاور ڀٽي موبائيل فون تي رابطو ڪري شادي ڪرڻ جا آسرا ڏئي کيس گڏ وٺي ويو، جتي وزير ڀٽي پڻ موجود هو ۽ انهن ٻنهي مون کي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ رڙين تي مون کي مارڪٽ ڪئي

 هن ٻڌايو ته واقعي کي مون مائٽن جي ڊپ سبب لڪايو، بعد ۾ والد کي سموري حقيقت ٻڌائي، جنهن بعد پوليس وٽ پهتاسين

 هوڏانهن بي سيڪشن ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس ڪارروائي ڪري ٻنهي جوابدارن دلاور ڀٽي ۽ وزير ڀٽي کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته نينگري کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ تعلقه اسپتال موڪليو ويو

 ڊاڪٽرياڻي موجب نينگري جا جزا ورتا ويا آهن، جيڪي ڪراچي ليبارٽري موڪليا ويندا، جنهن بعد حتمي رپورٽ جاري ڪنداسين

Leave A Comment