ٽنڊوآدم مان گم نوجوان جو گولي لڳل لاش هٿ، وارثن پاران قتل جو الزام

آگسٽ 11, 2023

ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ ھڪ ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل چنگچي رڪشا ڊرائيور جو گولي لڳل لاش ھٿ

قتل جو شڪ، ان ڏس ۾ شهر جي جٽيا پاڙي واري علائقي ۾ واٽر سپلاءِ جي ٽانڪي ڀرسان 40 ورهين جي غير شادي شدھ نوجوان محمد اشرف راجپوت جو لوندڙي ۾ گولي لڳل لاش هٿ آيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش تعلقي اسپتال منتقل ڪيو

جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف مقتول جي ڀاءُ  ارشد راجپوت موجب ته ڀاءُ چنگچي رڪشا هلائي گذر سفر ڪندو هو

ڪالهه کان گم هو، شڪ آهي ته کيس قتل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن پوليس موجب ته مامرو خودڪشي جو لڳي ٿو، وڌيڪ جاچ ڪريون ٿا

Leave A Comment