| ٽنڊوآدم: هاءِ ڪورٽ پاران سئي ڪندر شاخ ۾ ڊرينيج پاڻي جو ڇوڙ بند ڪرڻ جو حڪم |
ٽنڊوآدم (ن پ ا) سنڌ هاءِڪورٽ ٽنڊو آدم ويجهو سئي ڪندر شاخ ۾ ڊرينيج جو گندو پاڻي ڇوڙ بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت فيصلي تي عمل لاءِ سول جج ون وقاص احمد قريشي کي نگران مقرر ڪري ڇڏيو، ڪالهه سول جج ون سانگهڙ جي ڊي سي ۽ ايس ايس پي، اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوآدم، ايگزيڪيوٽو انجنيئر ايريگيشن هالا ڊويزن، ايس ڊي او ايريگيشن ٽنڊو آدم، ايڪسين حيسڪو سميت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي سوئي ڪندر شاخ تي لڳل غير قانوني پمپ لائينون، موٽرون، پمپنگ اسٽيشنون، بجلي ڪنيڪشن سميت ٻيو شيون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي