| ٽنڊوآدم پوليس مقابلو رچائي جوابدار کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو |
ٽنڊوآدم(ن پ ا) ٽنڊوآدم پوليس مقابلو رچائي هڪ ڏوهاري علي اڪبر ولد مير خان رند کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. پوليس موجب لنجواڻي موڙ وٽ ڏوھه جي ارادي سان بيٺل 3 ڏوهارين سان مقابلو ٿيو، ھڪ ڏوهاري علي اڪبر رند کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان هڪ ٽي ٽي پسٽل، گوليون ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي آھي، جڏهن ته سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا.