| ٽنڊوآدم: پيرسن ۽ سندس پٽ تي تشدد: فائرنگ: احتجاج |
ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم: معمولي ڳالهه تان جوابدارن جو پيرسن ۽ سندس پٽ تي تشدد، فائرنگ، 7 ڄڻن خلاف اين سي داخل، ان ڏس ۾ ٽنڊي آدم جي ڀچا پاڙي ۾ معمولي ڳالهه تان جوابدارن گل محمد خاصخيلي کي لتن، مڪن ۽ ڏنڊن سان تشدد جو نشانو بڻايو، کيس ڇڏائڻ لاءِ آيل سندس پيرسن والد پرويز احمد کي پڻ تشدد ڪري زخمي ڪري وڌو، جوابدار گھرن مٿان فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا، انهي واقعي جي سٽي ٿاڻي تي جھانگير، آصف ڀچو، زوھيب شاھ، ڏاڏو مڱريو، شھباز مڱريو سميت 7 ڄڻن خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي آھي، ٻئي طرف جوابدار کي گرفتار نه ڪرڻ تي متاثر ڌر جي مردن، عورتون ۽ ٻارن پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو