| ٽنڊوآدم: ڍنڍو مائنر جي گيٽ کي ويلڊنگ ڪرڻ ۽ پاڻي کوٽ خلاف پٽيشن داخل: ڌريون طلب |
ٽنڊوآدم (رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊي آدم جي ڍنڍو مائينر جي گيٽ کي ويلڊنگ ڪرڻ ۽ پاڻي کوٽ خلاف پٽيشن داخل، ڌريون 9 جولاءِ تي طلب، ان ڏس ۾ روهڙي ڪئنال مان نڪرندڙ ڍنڍو مائنر ۾ 4 مھينن کان پاڻي کوٽ ۽ شاخ جي مين گيٽ کي غير قانوني ويلڊنگ ڪري پاڻي جي ماپ گهٽائڻ خلاف آبادگار شاھجھان کوسو سيشن ڪورٽ سانگھڙ ۾ آبپاشي عملدارن خلاف پٽيشن داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ سپرنٽينڊنگ انجنيئر روهڙي ڪئنال حيدرآباد، ايگزيڪيوٽو انجنيئر هالا، اسسٽنٽ انجنيئر ٽنڊو آدم2، ايس ايس پي سانگهڙ ۽ ايس ايچ او سٽي ٽنڊو آدم کي ڌر بڻايو ويو آھي. عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 9 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آھي، ان ڏس ۾ رابطي تي درخواستگذار شاھجھان کوسو ٻڌايو ته آبپاشي عملدارن ڍنڍو مائينر جي مين گيٽ کي ويلڊنگ ڪري گيج گهٽائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب واٽر ڪورسن ۾ پاڻي نٿو پھچي. هن چيو ته پاڻي نه پهچڻ سبب 8 ھزار ايڪڙ زرعي زمين تي پوکيل وونئڻن، ڪمند، ڪيلو، ڀاڄين سميت ٻيا فصل سڪي تباھ ٿي رهيا آھن، جنهن سان آبادگارن کي ڪروڙين رپيا نقصان ٿيڻ جو خدشو آھي. ھن گھر ڪئي ته اسان کي حصي جو پورو پاڻي فراھم ڪيو وڃي.