ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۽ ڀرپاسي ٻن نوجوانن پاران آپگهات جي ڪوشش، هڪ نوجوان حيدرآباد ريفر. ان سلسلي ۾ ٽنڊو آدم ۽ ڀرپاسي
ٻن نوجوانن ڳوٺ عمير قادر جوڻيجو ۾ 18 سالن جي ديوان پٽ نانجي ڪولهي ڪڇي ۽ اڏيرو لال ۾ 25 سالن جي عبدالمجيد پٽ محبوب گهرو اڻبڻت سبب ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي
ٻنهي نوجوانن کي تعلقي اسپتال ٽنڊو آدم منتقل ڪيو ويو جتي اڏيرو لال واسي نوجوان عبدالمجيد جي حالت خراب هجڻ سبب کيس ايل ايم يو حيدرآباد ريفر ڪيو ويو