ٽنڊوالهيار پوليس نريش جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام، ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو
مَي 18, 2023
ٽنڊو الهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار ويجهو بدفعلي بعد قتل ڪيل نينگر نريش ڀيل جي خون سان انصاف نه ٿيو، شهر جي سياسي سماجي تنظيمن طرفان ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو
نينگر نريش جي بي رحماڻي قتل خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي ڌرين جي علاوه هندو برادري طرفان احتجاج ڪيو ويو
ان موقعي تي باغي حبيب الله ڪالرو وقار بوزدار ۽ ٻين چيو ته نينگر نريش ڀيل جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ پوليس جي نااهلي جي عڪاسي پيو ڪري
احتجاج ڪندڙن وڏي وزير، آءِ جي ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته نريش جا قاتل فوري گرفتار ڪري هن جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي