ٽنڊوالهيار ۾ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي
جُون 23, 2025
ٽنڊوالهيار (پنهنجي ڊيسڪ )ٽنڊوالهيار ۾ روڊ ڪراس ڪندڙ ڳوٺاڻو ڪار جي ٽڪر ۾ فوت، 2 ڄڻا زخمي، ٽنڊوالهيار شهر ۾ ڪار جي ٽڪر ۾ 40 ورهين جوپير بخش فوت، موٽر سائيڪل سوار مجنو ڀيل ۽ باقر خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيو، فوتي جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،ان موقعي تي پوليس جو چوڻ هو ته ڳوٺاڻي روڊ ڪراس ڪيو ته تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن سبب حادثو پيش آيو.