| ٽنڊوالهيار _حيدرآباد روٽ تي سڀاڻي کان پيپلز بس جو اعلان |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ٽنڊوالهيار کان حيدرآباد تائين سڀاڻي 22 اپريل کان پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان حوالي سان سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽنڊوالھيار ۽ حيدرآبا د جي عوام کي خوشخبري ڏيندي اعلان ڪيو آھي ته ٽنڊوالھيار کان حيدرآباد تائين پيپلز بس سروس جي باضابطا شروعات 22 اپريل کان ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته شڪارپور ۽ سکر کانپوءِ ٻئي مرحلي ۾ ٽنڊوالھيار کان حيدرآباد پيپلز بس شروع ڪئي پئي وڃي، انهي منصوبي سان ٻنھي شهرن وچ ۾ سفر ڪندڙ شھرين کي بهترين سفري سھولت ملندي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت جو مقصد جديد ٽرانسپورٽ نظام کي مرحلي واري صوبي جي ٻين ضلعن تائن وڌائڻ آھي، جلد ئي ٻين شھرن ۾ به ھي سروس شروع ڪئي پئي وڃي. سينئر وزير وڌيڪ چيو ته پيپلز بس سروس نه رڳو آرامده سفري سھولت فراھم ڪندي پر جديد گھرجن موجب محفوظ ۽ باوقار سفر به يقيني بڻائيندي.