| ٽنڊوباگو: زال مڙس کي جدا ڪرڻ جي ڪوشش، طلاق لاءِ دٻاءَ، ڌمڪيون |
ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٻه سال اڳ پنگريو جي رھواسڻ نوجوان ناري پنھنجي ئي خاندان جي نوجوان سان پرڻو ڪيو ھڪ سال بعد ناري خالده ڌي اسماعيل کوکر زال محمد رفيق پنھنجي معصوم ٻار کي جنم ڏيڻ لاءِ پنھنجي والد جي گھر ويئي جتي ناري پنھنجي پٽ کي جنم ڏنو ان بعد ناري خالده زال محمد رفيق کوکر کي مائٽن پاران زوري پنھنجي مڙس کان طلاق وٺرائڻ جي ڪوشش ڪئي ناري خالده کوکر موجب مون پنھنجي مڙس رفيق کان طلاق وٺڻ کان انڪار ڪيو مون کي منھنجي معصوم ٻار کي نقصان ڏيڻ جون ڌمڪيون ڏنيون زوري عدالت ۾ نڪاح ٽوڙائڻ لاء زور ڀريو مون مسلسل انڪار ڪيو پر معصوم ٻار کي نقصان ڏيڻ جي خوف سبب زوري طلاق ڪرايو ٿي ويو ھڪ ڏينھن اڳ انھن مونکي ٽنڊي الھيار ۾ ڪٿي زوري وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان دوران مون پنھنجي مڙس رفيق کوکر سان فون تي رابطو ڪيو جيڪو بائيڪ تي اچي مونکي وٺي پنھنجي گھر آيو ان بعد منھنجي والد منھنجي ماء منھنجي ڀائرن ساجد ۽ آصف پنگريو پوليس ذريعي ڌمڪيون ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي آھن منھنجي ڏيڍ سالا پٽ حيدر علي منھنجي سھرو نواز کوکر مڙس کي مختلف طريقن سان نقصان ڏيڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن ھن ايس ايس پي بدين ۔ سيشن جج بدين کي تدارڪ جي اپيل ڪئي آھي