ٽنڊوباگو: پورهيت واهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، لاش هٿ
جُون 20, 2025
ٽنڊو باگو ( پنهنجي ڊيسڪ ) ٽنڊوباگو لڳ 9ٻارڙن جي پيءُ بيماري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، ٽنڊوباگو جي ڳوٺ منگهه ميمڻ واسي 60 ورهين جو محمد سومار ميمڻ بيماري کان تنگ اچي واهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيوآهي، ان موقعي تي وارثن جو چوڻ هو ته محمد سومار ميمڻ بيماري کان تنگ اچي اسپتال مان نڪري واهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، مصري شاهه قبرستان وٽان سندس لاش هٿ ڪيو ويو، آپگهات ڪندڙ پورهيت شهر جي خانگي اسپتال ۾ داخل هو.