ٽنڊوجان محمد ۾ ڀاءُ پاران پسند پرڻو ڪندڙ ڀيڻ کي مارڻ جي ڪوشش، نوجوان مرڻينگ

جُولاءِ 14, 2023

ٽنڊو جان محمد (رپورٽ: عبدالخالق خاصخيلي) ٽنڊو جان محمد ۾ ڀاءُ پاران پسند جي شادي ڪندڙ ڀيڻ ۽ نوجوان کي مارڻ جي ڪوشش، فائرنگ ۾ نوجوان دائم علي زخمي ٿي پيو، ناري معجزاڻي طور بچي وئي

ٽنڊوجان محمد ۾ ٽي مھينا اڳ پسند جي شادي ڪندڙ ناري سوھانا خاصخيلي جي ڀاءُ وقار  خاصخيلي ڀيڻ ۽ ڀيڻيوي سان ٺاھه ڪرڻ بعد ٻنهي کي گوليون ھڻي  مارڻ جي ڪوشش ڪئي

ڀيڻ سوهانا کان گولي گسي وئي، سندس مڙس دائم علي خاصخيلي زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

ٽي مھينا اڳ وارڊ نمبر ٽي عرفان ڪالوني جي رهائشي ناري سوھانا خاصخيلي دائم علي خاصخيلي سان پنسد جو پرڻو ڪيو هو، جنھن تي ناري جو ڀاءُ وقار خاصخيلي ڪاوڙيل هو

ناري جي والدين شادي کي قبول ڪري ورتو ھو ۽ ڌرين ۾ ٺاھه ٿي ويو ھو، ناري سوھانا ۽ سندس مڙس دائم خاصخيلي ساھرن جي گھر ۾ رھيل ھئا

ناري سوھانا خاصخيلي چيو آهي ته آئون پنهنجي مڙس سان گڏ گهر جي ڇت تي ستل هيس، فجر مهل ڀاءُ وقار اچي منهنجي مڙس کي مٿي ۾ گولي هنئي ۽ مون کي گولي هنئي پر گسي وئي، هن چيو ته مون سان انصاف ڪيو وڃي

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار