ٽنڊومحمد خان پوليس جي چڙهائي، گهرڌڻين تي تشدد، پيرسن فوت، 4 گرفتار، ايس ايڇ او سميت 2 اهلڪار معطل

ٽنڊومحمد خان پوليس جي چڙهائي، گهرڌڻين تي تشدد، پيرسن فوت، 4 گرفتار، ايس ايڇ او سميت 2 اهلڪار معطل

ٽنڊو محمد خان (رپورٽر)   ٽنڊو محمد خان  پوليس جي وڏن اٽالن شهر جي شوڪت ڪالوني ۾ عورت پوليس اهلڪار صوبيه ملاح  جي گهر تي چڙهائي ڪري عورتن ٻارڙن ۽ بزرگن تي تشدد ڪيو جنهن سبب ٽنڊو محمد خان پوليس خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪندڙ 60 سالا خدا بخش ملاح پوليس جي مبينا تشدد سبب موقعي تي ئي فوت ٿي ويو۔جڏهن ته گهر جي مالڪياڻي پوليس اهلڪار صوبيه ملاح سندس والده سلما ملاح ۽ ڀيڻ سليمت ملاح سخت زخمي ٿي پيون ۽ پوليس چئن ڄڻن راول ملاح سندس پي مير محمد ملاح الله ۔جڙيو ملاح ۽ ڊرائيور سهراب درس کي کنڀي کڻي وئي جنهن بعد فوتي جو لاش ۽ زخمي عورتن کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال آندو ويو ۔واقعي جي اطلاع تي مختلف سياسي سماجي ڌرين جا اڳواڻ پليدار مزدور يونين جا پورهيت ۽ ملاح برادري جا سوين ماڻهو اسپتال پهچي ويا جتان وارث لاش کي کڻائي ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو ٻي طرف ايس ايس پي حسيب جاويد سومار ميمڻ واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او بي سيڪشن منظور شورو ۽ اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ ڊي ايس پي بلڙي شاه ڪريم فريد جٽ جي سربراهي ۾ جانچ ڪميٽي جوڙي ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن ته پوليس جي ڪارروائي دوران ملاح برادري جي  کنڀي گرفتار ڪيل چئن ڄڻن کي پڻ آزاد ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي جي نوٽيس وٺڻ کانپوء ڌرڻي کي ختم ڪيو ويو