ٽنڊومحمد ويجهو ڳوٺ تي پوليس چڙهائي، عورتن سوڌو 4 زخمي: نوجوان گرفتار، متاثرن جو ڌرڻو

ٽنڊومحمد ويجهو ڳوٺ تي پوليس چڙهائي، عورتن سوڌو 4 زخمي: نوجوان گرفتار، متاثرن جو ڌرڻو

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: قاضي شمس ٻانڀڻ )  ٽنڊو محمد خان جي ويسريا بس اسٽاپ ڳوٺ آمون ويسريو تي حيدرآباد کان آيل پوليس وردي ۽ سادن ڪپڙن ۾ اهلڪارن چڙهائي ڪري گهرن ۾ مبينا طور داخل ٿي عورتن مردن ٻارن تي تشدد ڪيو ، جنهن دوران 5 مهينن جي ڳورهاري عورت شريمتي نشا ، شريمتي سنجني ، شريمتي سنيتا ۽ هڪ مرد ڀورو کي زخمي ڪري ڇڏيو ، جنهن بعد پوليس 30 ورهين جي نوجوان رميش ٺاڪر کي پاڻ سان گڏ کڻي حيدرآباد رواني ٿي وئي، پوليس اهلڪارن جي ڪيل چڙهائي خلاف ڳوٺ جي رهواسي عورتن مردن ٻارن حيدرآباد بدين روڊ ويسريا اسٽاپ تي احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ، جنهن سبب 2 ڪلاڪ ڌرڻي جي سبب حيدرآباد بدين روٽ تي 5 ضلعن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل رهي، پير احمد سعيد جان سرهندي پڻ احتجاج ۾ اچي متاثر خاندان سان همدردي ڪئي ، بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او منظور شورو ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو، ڳوٺاڻن اجي ٺاڪر ، راڻو ، مڪيش ، اشوڪ ، پنهون ، روشن ۽ ٻين ٻڌايو ته پوليس اسان جي گهرن ۾ داخل ٿي ٽن عورتن شريمتي سنجني ، شريمتي نشا ، شريمتي سنيتا ۽ هڪ مرد ڀورو کي زخمي ڪيو آهي زخمين ۾ هڪ 5 مهينن ڳورهاڙي عورت نشا زخمين ۾ شامل آهي ، پوليس اسان جي نوجوان کي پاڻ سان گڏ حيدرآباد کڻي وئي آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن علائقي ۾ چئوٻول آهي ته حيدرآباد کان آيل پوليس ناري جي مبينا پرڻي بابت حيدرآباد جي ٿاڻي تي اغوا جي داخل ڪرايل فرياد تحت ڪاروائي ڪري هڪ نوجوان کي گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته ان بابت ٽنڊو محمد خان پوليس ڪا به تصديق نه ڪري رهي آهي نه وري وارثن ان بابت پنهنجو ڪو موقف ظاهر ڪيو آهي .