| ٽنڊومستي واقعو: خالده کي سيني ۾ 3 گوليون هنيون ويون: پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري: جرڳائي گرفتار |
ٽنڊومستي(ن پ ا) ٽنڊو مستيءَ ۾ ڪار نهن جي الزام هيٺ تشدد بعد هجوم سامهون گوليون هڻي قتل ڪيل خالده عرف روبينا چانڊيو جي ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري، پوليس جرڳو ڪندڙ نبن چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو، مبينا طور جرڳو ڪري ڪارنهن الزام ڏئي قتل ڪيل خالده عرف روبينا چانڊيو جي ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب ناري خالده عرف روبينا چانڊيو کي سيني ۾ ٽي گوليون لڳل هيون، لاش اسپتال پوليس کڻائي آئي هئي، ٻي طرف پوليس ڪارروائي ڪري جرڳو ڪندڙ نبن چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس ايس پي خيرپور موجب جرڳو ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، هوڏانهن پ پ ايم پي اي هالار وساڻ مقتولا ناري جي وارثن وٽ پهتو، بئريسٽر ھالار منظور وساڻ ناري جي وارثن سان گھري ڏک جو اظهار ڪرڻ سان گڏ مالي مدد پڻ ڪئي، ان موقعي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قتل صرف خالدہ چانڊيو جو نه پر انسانيت جو قتل آهي، قاتلن ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو، پيپلزپارٽي هميشه عورت کي خودمختيار ۽ اُن کي بنيادي حق فراهم ڪرڻ لاءِ عملي ڪم ۽ قدم کنيا آهن. هوڏانهن مقتول ناريءَ کي بنا ڪفن، ۽ جنازي نمازي جي ادا ڪرڻ وارين معاملن متعلق به هن وقت تائين جوڳي جاچ ناهي ٿي سگهي. اِن سموري معاملي ۾ جوابدارن ڌر سان گڏ مقامي پوليس تي ملوث هجڻ جا الزام سامهون اچي رهيا آهن. ٻي طرف مقتولا جي والد رمضان چانڊيو جو چوڻ ھو ته نياڻي به منهنجي ماري وئي گھر به منھنجا پوليس ڊاھي ڇڏيا، 17 ماڻھو اسان جا پوليس گرفتار ڪيا آهن، هن چيو ته پوليس بروقت ڪارروائي ڪري ها ته اڄ نياڻي زنده هجي ها، هنن چيو ته پوليس جاچ تي اعتماد ناهي.