ٽنڊومستي ويجهو 2 ڀينرن سوڌو 4 ٻارڙيون ۽ ڏيپلي ۾ 2 ٻارڙا ٻڏي فوت

مَي 28, 2023

ٽنڊو مستي/ڏيپلو (نمائندن وٽان) ٽنڊومستي ويجهو 2 ڀينرن سوڌو 4 ٻارڙيون ۽ ڏيپلي ۾ 2 ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي ويا آهن جنهن بعد گهرن ۾ ڪهرام متل آهي

ٽنڊو مستي ويجهو ٻن ڀينرن سميت 4ٻارڙيون تلاءَ ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويون  ڳوٺ ميان وارث حسين اڄڻ ۾ اهڙو واقعو پيش آيو

 5ورهين جي دانيا جوڳي، 10ورهين جي سهانا، 5ورهين روينا ۽ 6ورهين جي مسڪان جوڳي تلاءَ ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويون

وارثن ٻارڙين جا لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا  وارثن جو چوڻ آهي ته گهرن ڀرسان راند کيڏندي ٻارڙيون مڇي جي تلاءَ ۾ ڪري پيون

ڏيپلي ويجهو ترائيءَ ۾ وھنجهندي ٻه معصوم ٻارڙا 7ورهين جو عابد پٽ بابو ۽ 6ورهين جو ڪامل پٽ اقبال ٻڏي فوت ٿي ويا

لاڳاپيل پوسٽون

  • ميرپورخاص نوجوان فوت، تشدد جي تصديق

  • نينگري سان ڏاڍائي ڪوشش، جوابدار گرفتار

  • حيدرآباد : سنڌوءَ ۾ وهنجندي نوجوان ٻڏي ويو

  • راجا رزاق جو شعر، ايوان ۾ ٽهڪڙا، متحده ناراض