ٽنڊوڄام ٽول انتظاميا ڦري وئي، ٽيڪس اوڳاڙي ٻيهر شروع، ڇڪتاڻ،  مارڪٽ، تحريڪ جو اعلان

ٽنڊوڄام ٽول انتظاميا ڦري وئي، ٽيڪس اوڳاڙي ٻيهر شروع، ڇڪتاڻ،  مارڪٽ، تحريڪ جو اعلان

ٽنڊوڄام (رپورٽ: اظهر لوچي) ٽنڊوڄام ٽول انتظاميا سپريم ڪورٽ جي واضح حڪم باوجود مقامي ماڻھن کان ٽيڪس اوڳاڙڻ بند نه ڪيو ، ٻه ڏينهن اڳ  ھنيل ڌرڻي بعد ٿيل ڳالھين ۾ في الحال اوڳاڙي ملتوي ڪرڻ واري خاطري ڪئي  وئي پر ان جي ابتڙ ٽول عملي مقامي ماڻھن جي ايندڙ ويندڙ گاڏين کان اوڳاڙي وٺڻ لڳي،  جنهن  تان ٻيھر ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي، ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو ۽ ھڪ ٻئي کي مارڪٽ ڪئي وئي، اطلاع تي علائقي مان وڏي انگ ۾ ماڻهو گڏ ٿي موقع تي پهتا ۽ ٽول عملي جي مقامي ماڻهن سان بدتميزي تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف علائقي جي مختلف برادرين گڏيل جدوجھد جو اعلان ڪندي مقامي رهواسين تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي، جيڪا ڊپٽي ڪمشنر سان ملاقات ڪري مسئلو اجاگر ڪندي. اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي خلاف ٻيهر ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪري ورتو. مقامي ماڻهن جو مطالبو آهي ته انتظاميا سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي فوري طور عمل ڪرائي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.