| ٽنڊوڄام ۾ نينگر کليل گٽر ۾ ڪِري زخمي: وڊيو وائرل |
ٽنڊوڄام (ن پ ا) ٽنڊوجام ۾ انتظامي غفلت جي پت وائکي، 6 ورهين جو ٻار کليل گٽر ۾ ڪري زخمي ٿي پيو، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، يوسي 66 واري علائقي ۾ پوليس گرائونڊ روڊ تي ڇهن ورهين جو نينگر حسين علي کليل گٽر ۾ ڪري پيو، موقعي تي موجود ماڻهن ڏسي گٽر مان ڪڍيو ويو، جيڪو زخمي ٿي پيو، نينگر کي سول رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو، اکين ڏٺن شاهدن موجب، ٻار رستي تان گذرندي اوچتو ڪري پيو، علائقي واسين سندس حياتي بچائي ورتي، علائقي واسين موجب کليل گٽر بابت ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل اختيارين کي آگاهه ڪيو هو پر ڪو قدم نه کنيو ويو.