ٽنڊو آدم جي ايس ايڇ سميت 8 اهلڪارن خلاف منشيات وڪڻڻ جو ڪيس داخل

آگسٽ 10, 2023

سانگهڙ(رپورٽر) ٽنڊو آدم جي ايس ايڇ سميت 8 اهلڪارن خلاف منشيات وڪڻڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

 ايس ايس پي سانگهڙ عابد بلوچ جي حڪم تي ٽنڊوآدم سٽي ٿاڻي جي ايس ايچ او طفيل ڀٽو , ٿاڻي جي وڏي منشي الله بخش ڊومڪي پوليس اهلڪارن نواز چانڊيو , ايس ايچ او جي لاء شهر مان ڀتو اوڳاڙي ڪندڙ ۽ خيرپور ٿاڻي جي اهلڪار محسن کوکر , نديم سيال عرف آصف کوکر ۽ ٽن ٻين اهلڪارن خلاف منشيات وڪڻڻ جون ٻه الڳ الڳ ايف آئي آرز داخل ڪيون ويون

 ايف آئي آر داخل ٿيڻ کان پوءِ ايس ايچ او سٽي ٿاڻو ٽنڊوآدم طفيل ڀٽو، وڏو منشي الله بخش ڊومڪي ۽ اهلڪار توڙي پرائيويٽ باڊي گارڊ ٿاڻو ڇڏي فرار ٿي ويا آهن

مليل ڄاڻ موجب ايس ايس پي سانگهڙ عابد بلوچ کي ايس ايچ او سٽي ٽنڊوآدم طفيل ڀٽو ۽ سندس منشيات فروش اهلڪارن جي اڏن بابت اطلاع مليو

 ايس ايس پي پنهنجي پي آر او جي اڳواڻي ۾ پوليس پارٽي ٽنڊوآدم موڪلي انهن جي حيدرآباد روڊ،  لطيف گيٽ وارن علائقن ۾ گودامن تي ڇاپا هڻي لکين روپين جي سفينا جا سوين ٻورا برامد ڪيا

منشيات برآمد ٿيڻ کان پوءِ پي آر او پوليس پارٽي سميت ايس ايچ او جي رهائشگاھه ۽ ٿاڻي تي پهتو پر ايس ايچ او طفيل ڀٽو، وڏو منشي الله بخش ڊولي ۽ سندس ڀتاخور اهلڪار ۽ پرائيويٽ ساٿي ٿاڻو ڇڏي فرار ٿي چڪا هئا ايس ايس پي پاران ايس ايچ او طفيل ڀٽو ۽ پوليس اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي

Leave A Comment