ٽنڊو آدم: عورت پراسرار نموني فوت: قتل شڪ: مڙس گرفتار

ٽنڊو آدم: عورت پراسرار نموني فوت: قتل شڪ: مڙس گرفتار

ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊي آدم ۾ عورت پراسرار نموني فوت، قتل جو شڪ، مڙس گرفتار، ان ڏس ۾ ٽنڊو آدم ويجهو قيصر گهوٽ وٽ يعقوب پٺاڻ جي بٺي تي مزدوري ڪندڙ عورت 35 ورهين جي شبيران اوڏ پراسرار نموني فوت ٿي وئي. پوليس قتل جي شڪ ۾ عورت جي مڙس نورو اوڏ کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب فوتڻ جي جسم تي تشدد جا ڪي به ظاهري نشان ناهن، اصل حقيقت ڄاڻڻ لاءِ پوسٽ مارٽم ڪرايو آھي، رپورٽ اچڻ بعد اصل حقيقت جو پتو پوندو، شڪ جي بنياد تي سندس مڙس کي گرفتار ڪيو آهي، هوڏانهن گرفتار ٿيل نورو اوڏ جو چوڻ آھي زال کي جنات جو حسابي چڪر هو، مون کيس قتل ناهي ڪيو.