ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ فوت ٿيل نوجوان کي ڪانگو وائرس، ميڊيڪل رپورٽن ۾ تصديق رپورٽ موجب ڳوٺ پيرل ماڪوڙاڻي ۾ هڪ ڏينهن اڳ فوت ٿيل 17 سالن جي نوجوان آصف علي ولد اميد علي ماڪوڙاڻي ۾ ڪانگو وائرس جي تصديق ٿي آھي ،ان ڏس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر حنين طارق شاهاڻي رابطي تي ٻڌايو ته نوجوان شھر جي بنگلا روڊ واري علائقي ۾ مال جي واڙي تي ڪم ڪندو هو، جنهن کي تيز بخار ٿيو، کيس خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي هن دم ڏنو ميڊيڪل رپورٽن ۾ ڪانگو وائرس هجڻ جي تصديق ٿي آھي، جنهن بعد صحت کاتي پاران شھر جي مال جي واڙن تي حفاظتي اسپري ڪرايا ويا آھن