| ٽنڊو آدم واقعو: 5 گٽر کليل هجڻ جو اعتراف: ڪاٺ جي ڍڪڻ کي اڏوهي لڳي ٿي: مختيارڪار |
ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم جي خدا بخش ڪالوني ۾ هڪ ڏينهن اڳ کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيل 12 ورھين جي 6 ڪلاس جي شاگردياڻي طوبيٰ ڌي طارق آرائين کي مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو جنازي نماز سوڌو تعزيت ڪرڻ لاء ڪوبه چونڊيل نمائندو لڙي نه آيو، جڏهن ته ميڊيا ۾ خبرون هلڻ بعد اسسٽنٽ ڪمشنر حنين طارق شاھاڻي ۽ مختيارڪار امام الدين لاڙڪ تڏي تي پھتا، جن خدابخش ڪالوني جو دورو ڪيو، ان ڏس ۾ مختيارڪار امام الدين لاڙڪ ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ کي واقعي بابت رپورٽ موڪلي ڄاڻايو آھي ته ڪالوني ۾ 5 کان وڌيڪ ھنڌن تي گٽر جا ڍڪڻ لڳل ناھن، جنهنڪري اهي کليل آھن، گٽرن تي ڍڪ هڻڻ ۽ انھن جي سنڀال ڪرڻ ميونسپل جي ذميواري آھي، شاگردياڻي جو موت به کليل گٽر ۾ ڪرڻ سبب ٿيو آهي، هوڏانهن مختيارڪار پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڪاٺ جي ڍڪڻن کي اڏوهي کائي وڃي ٿي، جنهنڪري اهي ڪمزور ٿي وڃن ٿا، هوڏانهن رابطي تي اسسٽنٽ ڪمشنر حنين طارق شاهاڻي چيو ته کليل گٽرن بابت ميونسپل اختيارين سان گڏجاڻي ٿي آھي، جن شھر ۾ کليل گٽرن تي ڍڪ لڳائڻ جي خاطري ڪرائي آھي، هن چيو ته ڪاٺ بدران سيمنٽ وارو ڍڪ وڌيڪ مضبوط هوندو، ان بابت وڌيڪ انجنيئر يا ايڪسپرٽ ئي ٻڌائي سگهي ٿو واضح رهي ته واقعي واري ڏينهن ميونسپل چيئرمين موقف ڏنو هو ته گٽر نالي تي ڪاٺ جو ڍڪڻ لڳل هو، شاگردياڻي جي راند کيڏڻ سبب ڪاٺ جو ڍڪ ٽٽي پيو، جڏهن ته مختيارڪار پاران تيار ڪيل رپورٽ ۾ علائقي ۾ 5 هنڌن تي کليل گٽر هجڻ جي رپورٽ ميونسپل انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي آھي