ٽنڊو آدم ويجهو حادثو، 12 ورهين جو نينگر فوت
جُون 30, 2025
ٽنڊو آدم ( پنهنجي ڊيسڪ )ٽنڊو آدم لڳ ڳوٺ خير محمد مري ۾ مينهن جي ٽَڪَر بعد نينگر ٽرڪ هيٺان اچي فوت،ٽنڊو آدم لڳ ٻيراڻي روڊ تي مينهن جي ٽَڪَر سبب 12ورهين جو محمد بلال روڊ تي ڪِرڻ بعدتيز رفتار ٽرڪ هيٺان اچي زخمي ٿي پيو، جنهن کي کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، نينگر جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.