ٽنڊو آدم ويجهو ٻن ٻارن جي ماءُ مبينا طور زهر ڏئي قتل

جُولاءِ 16, 2023

ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ويجهو ٻن ٻارن جي ماءُ مبينا طور ساهرن پاران زهر ڏئي قتل. ان سلسلي ۾ ٽنڊو آدم ڀرسان ڳوٺ مير خان بوزدار ۾ ساهراڻي

 گهر ۾ ٻن ٻارن جي ماءُ سيما گل زال محمد اسحاق بوزدار مبينا طور زهر ڏئي قتل ڪئي وئي آهي. پوليس پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو

 فوتڻ جي پيءُ گلشير بوزدار پنهنجي ناٺي ۽ سندس گهرڀاتين تي الزام هڻندي چيو ته ڌيءَ سيما گل کي سندس مڙس اسحاق بوزدار، ڏير محمد بوزدار ۽ سندن ڀيڻ شاهده زهر پياري قتل ڪيو آهي جڏهن ته تعلقي ٿاڻي تي 6 ڏينهن اڳ فوتڻ جي پيءُ گلشير بوزدار 3 جوابدارن

 ناٺي اسحاق بوزدار، محمد خان بوزدار ۽ سندن ڀيڻ شاهده خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو هو ته 12 ڏينهن اڳ نياڻي محمد اسحاق بوزدار ۽ سندس ڀاءُ محمد خان بوزدار منهنجي ڌيءُ سيما گل کي گهر اڳيان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اڇلائي ويا هئا

 پڇا ڪرڻ تي ڌيءُ ٻڌايو ته مڙس پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀيڻ سان گڏجي قتل جي ارادي سان زهر پياريو آھي. ڌيءُ اڳ ۾ به پنهنجي مڙس، ڏير ۽ نڻان پاران مٿس تشدد ڪرڻ جون دانهون ڏيندي رهي ھئي

 وارثن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ايس ايچ او تعلقه ٿاڻو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته  پوسٽ مارٽم ڪرايو آھي حتمي رپورٽ اچڻ بعد ئي موت جو اصل ڪارڻ معلوم ٿي سگهندو

 جڏهن ته اڳ ۾ داخل ٿيل ايف آءِ آر کي هاڻي قلم 302 ۾ تبديل ڪيو ويندو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آھيون پر جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آھن

Leave A Comment