| ٽنڊو آدم ويجهو 60 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ روزانو 18 ڪلاڪ بجلي بند: پاڻي جو بحران: ڳوٺاڻا پريشان |
ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم لڳ 60 کان مٿي ڳوٺن ۾ 18 ڪلاڪ هٿرادو لوڊ شيڊنگ سحري ۽ افطاري وقت به بجلي بند پاڻي جي کوٽ روزيدار پريشان رپورٽ موجب ٽنڊوآدم لڳ حيسڪو سب ڊويزن اڏيرو لعل ايٽ ٽنڊوآدم پاران 60 کان مٿي ڳوٺن ۾ 18 ڪلاڪن کان مٿي هٿرادو لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنهن سبب سوين رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آھن. ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن شاهجهان کوسو ۽ ٻين دانهيو ته حيسڪو عملي پاران رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ ڳوٺ مٺو کوسو، اسماعيل راهو، سچو ساند، غازي خان ڪاتيار، الهورايو خاصخيلي، ڪامران جوڻيجو، در محمد بلوچ، آچر ساند، سلطان چانگ، جان محمد ابڙو، عطا محمد ڪاتيار، اختر مري سميت 60 کان مٿي ڳوٺن ۾ روزانو 18 ڪلاڪن کان مٿي هٿرادو لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته سحري ۽ افطاري وقت بجلي بند هجي ٿي. بجلي فراهمي نه هجڻ باوجود ڳرا بل موڪليا وڃن ٿا. گهرن ۽ مسجدن ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آھي، جنهن سبب اعتڪاف ۾ ويٺل ۽ روزيدار سخت پريشان آھن. هنن دانهيو ته رات جو ڳوٺ اوندھ ۾ ٻڏل هجن ٿا جنهن سبب بدامني ۾ اضافو ٿي ويو آھي روزانو چورين ۽ ڦرن جا واقعا ٿين پيا. هنن حيسڪو چيف حيدرآباد سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بجلي جي هٿرادو لوڊ شيڊنگ ختم ڪئي وڃي.