ٽنڊو آدم ڀرسان ڪئنالن خلاف آئل فيلڊ اڳيان ٻئي ڏينهن به ڌرڻو، مزاحمت، پوليس جا پويان پير

اپريل 24, 2025

ٽنڊو آدم(ن پ ا) ٽنڊو آدم ويجهو ڳوٺ سچيڏنو ورياهه ۾ واقع نعمت بسال آئل فيلڊ اڳيان سانگھڙ جهول روڊ تي درياءُ بچايو ڪاميٽي پاران سرور ابڙو، باغي مجاهد ٿهيم، حاجي صالح ورياھ، الطاف ملوکاڻي، لياقت چانڊيو، زاهد ملوکاڻي جي اڳواڻي ۾ لڳل ڌرڻو ٻئي ڏينهن به جاري رهيو، جنهن ۾ پ پ شھيد ڀٽو، ايس يو پي، آل زميندار، عوام دوست اتحاد سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڌرڻي سبب تيل ڪمپني جي داخلي ۽ خارجي رستن کي بند ڪري تيل جي رسد کي روڪيو ويو آهي، جنهن ڪري ڪمپني ۾ داخل ٿيندڙ ۽ نڪرندڙ ٽينڪرن، ٽرالرن ۽ ٻين گاڏين جون قطارون لڳي ويون آهن، هوڏانهن  رستو کولرائڻ لاءِ پوليس پهتي پر ڌرڻي وارن جي سخت مزاحمت تي واپس رواني ٿي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته پنجاب کي سنڌو درياءَ تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، سنڌو درياءُ اسان جو جياپو آھي، تڪراري ڪئنال منصوبو ختم ٿيڻ تائين ڌرڻو ۽ تيل جي رسد بند رهندي، هنن چيو ته پوليس جي داٻي ۾ نه اينداسين، ڌرڻو جاري رهندو، پنجاب ويندڙ تيل ٽينڪرن کي ڪنهن به صورت ۾ وڃڻ نه ڏينداسين ۽ اها رسد بند رهندي.

Leave A Comment