ٽنڊو آدم ۾گڏهه گاڏي اسٽاپ نيلام، ڌرڻو
جُون 24, 2025
ٽنڊوآدم(پنهنجي ڊيسڪ) ٽنڊوآدم ميونسپل پاران گڏهه گاڏي اسٽاپ نيلام ڪرڻ خلاف گڏهه گاڏين وارن جو گاڏيون ميونسپل آفيس ۽ پريس ڪلب آڏو بيهاري احتجاجي ڌرڻو، سياسي سماجي ڌريون به شامل، روڊ بلاڪ نعريبازي
ٽنڊوآدم ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين غلام مرتضي جوڻيجو پاران شهر جو قديمي گڏهه گاڏي اسٽينڊ نيلام ڪري شاپنگ سينٽر ٺاهڻ خلاف گڏھ گاڏين جي پورهيتن جي وڏي انگ ميونسپل آفيس ۽ پريس ڪلب آڏو گڏھ گاڏيون بيهاري ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.
جنهن سبب ايم اي جناح روڊ بلاڪ ٿي ويو ڌرڻي ۾ سياسي سماجي ڌريون اڳوڻو تعلقه ناظم لالا ايوب خان پٺاڻ، شيخ لياقت علي، محمد خان پنهور، مشتاق عادل، عبدالغفور انصاري سميت ٻيا ٻڌي طور شامل ٿي ويا ان موقعي تي پورهيتن انورشاھ، گلبهار ، رياض، ارباب خاصخيلي ۽ ٻين دانهيو ته گڏهه گاڏي اسٽاپ کي نيلام ڪرڻ بجاءِ ان جي مرمت ڪرائي اسان کي بيروزگار ٿيڻ کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو