ٽنڊو آدم ۾ جعلي پير علاج بهاني نوجوان کي ٻڪر جو رت پيئاري ماري ڇڏيو

جُولاءِ 1, 2023

ٽنڊو آدم (رپورٽ: سليمان ساند)ٽنڊو آدم  لڳ جعلي پير علاج بهاني ڳوٺاڻي کي ٻڪر جو رت پياري ڇڏيو، نوجوان فوت ٿي ويو، وارثن پاران انصاف جي گهر ڪئي وئي آهي

ٽنڊو آدم لڳ ڳوٺ ماڻڪ ٿهيم جي رهواسي عاشق ٿهيم کي درگاھه هاشم شاھ جي جعلي پير پيرل شاھه  مبينا طور علاج دوران ٻڪر جو رت پياري ڇڏيو جنهن سبب نوجوان فوت ٿي ويو

اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو، جڏهن ته الزام هيٺ آيل جعلي پير گرفتار نه ٿي سگهيو آهي

فوتي جي  ڀاءُ اڪرم ٿهيم دانهيندي چيو ته منهنجو ڀاءُ ڪافي وقت کان بيمار هو، جنهن کي هفتو اڳ درگاھه ھاشم شاھ تي وٺي وياسين

هن چيو ته منهنجي ڀاءُ عاشق کي درگاھ جي پير پيرل شاھه علاج طور ٻڪر جو رت پياريو جنهن سبب طبيعت  خراب ٿي وئي، علاج ڪرايو پر فرق نه پيو ۽ فوت ٿي ويو

هن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته جعلي پير ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

Leave A Comment