| ٽنڊو آدم ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ جو ڪم مڪمل: پارس ڏيرو افتتاح ڪري ڇڏيو: رانديگرن ۾ سرهائي |
ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ جڙي راس ايم پي اي پارس ڏيرو افتتاح ڪيو رپورٽ موجب ٽنڊو آدم جي گورنمينٽ نيو علي ڳڙھ ڪاليج ڀرسان ٽنڊو الهيار روڊ تي نوجوانن لاء ڪرڪيٽ گرائونڊ جو ڪم مڪمل ٿيڻ بعد ان جو افتتاح پ پ ايم پي اي پارس ڏيرو ڪيو ان موقعي تي پارس ڏيرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صحتمند معاشري لاء رانديون تمام ضروري آھن هتي ڪرڪيٽ گرائونڊ جي تمام گهڻي ضرورت هئي هاڻي نوجوانن کي فائدو پهچندو هن چيو ته شھر جي ترقي لاء وڌيڪ ترقياتي اسڪيمون ڏنيون وينديون هن چيو ته منهنجي پهرين ترجيح صاف پاڻي ۽ صحت جون سهولتون آھن هن چيو ته سياست کليل ميدان آھي هرڪو پنهنجو اهو شوق پورو ڪري سگهي ٿو هن چيو ته پ پ خلاف اتحاد ٺھندا رهندا آھن اسين جمهوري ماڻھو آھيون هر ڪنهن کي اظھار جي آزاي آھي پ پ عوامي پارٽي آھي جيڪا خدمت تي يقين رکي ٿي اسان ايندڙ اليڪشن ۾ به عوام جي ووٽ جي طاقت سان مقابلو ڪري کٽي ڏيکارينداسين هن چيو ته روهڙي ڪئنال کي پڪو ڪرڻ وارو رهيل ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو ان موقعي تي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جا اڳواڻ مختيار علي عمراڻي، امتياز علي شاھ، ڪاشف پرويز، عبدالرشيد آرائين سميت امداد راهي، جاويد مصطفي، عاشق حسين ساند، دلدار خان غوري ۽ ٻين خطاب ڪيو ٻئي طرف ڪرڪيٽ گرائونڊ جي مڪمل ٿيڻ تي هتان جي رانديگرن ۾ سرهائي آئي آھي ۽ هنن گهرڪئي ته هن گرائونڊ کي سڀ سهولتون خاص طور لائٽنگ جي سهولت ڏني وڃي ته جيئن رات جي وقت به مئچون ٿي سگهن