ٽنڊو الهيار: عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڇاپو ، 7 ڪلينڪز سيل
جُون 25, 2025
ٽنڊو الهيار ( پنهنجي ڊيسڪ ) ٽنڊو الهيار ۾ سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم جا ڇاپا، 7اسپتالون ۽ ڪلينڪون سيل،ٽنڊو الهيار ۾ سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن حيدرآباد جي ٽيم ڇاپو هڻي 7اسپتالون ۽ ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون، عطائي ڊاڪٽر ڇاپي جي خوف سبب پنهنجون اسپتالون ۽ ڪلينڪون بند ڪري فرار ٿي ويا،نصرپور روڊ تي سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم جي اسپتال تي ڇاپي دوران ڊاڪٽر فرار ٿي ويو، جڏهن ته نان ٽيڪنيڪل اسٽاف ٽيم جي سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيو.