ٽنڊو الهيار ڀرسان ڊمپر جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت، پيءُ ۽ ڀاءُ زخمي

آڪٽوبر 1, 2023

ٽنڊوالھيار/ جهڏو (نمائندن وٽان) ٽنڊوالهيار لڳ پيارو لنڊ روڊ تي واقع جمالي موڙ وٽ ڊمپر تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب موٽر سائيڪل سوارن کي ٽڪر هنيو

 24  سال جو نوجوان پرويز ولد جمن لنڊ موقعي تي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سندس والد جمن لنڊ ۽ ڀاءُ ساجد لنڊ سخت زخمي ٿي پيا، ڳوٺاڻن زخمين کي سول اسپتال ٽنڊوالهيار پھچايو

 پوليس نوجوان جو لاش قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو، جڏهن ته زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، ڊرائيور موقعي جو فائدو وٺي ڊمپر روڊ تي ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پوليس ڊمپر پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته فوتي ۽ زخمي ٽنڊوالهيار لڳ ڳوٺ شير خان لنڊ جا رھواسي آھن

Leave A Comment