ٽنڊو الهيار ۾ مدرسي کان گهر ويندڙ نوجوان رستي مان غائب

مَي 13, 2023

ٽنڊوالهيار)رپورٽر(ٽنڊوالهيار جي فيضان مدينه مدرسي مان گهر ايندڙ  نوجوان رستي مان غائب ٿي ويو، وارثن  اغوا جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏي. تفصيل موجب زرداري ڪالوني جو رهواسي 17 ورهين جو نوجوان ثقلين مستوئي مدرسي کان گهر واپس ايندي رستي مان گم ٿي ويو آهي جڏهن ته  وارثن نوجوان جي گمشدگي جو اطلاع ٽنڊوالهيار جي ٿاڻي تي ڏنو، نوجوان جي گم ٿيڻ سبب سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي، نوجوان ثقلين مستوئي جي سئوٽ فاروق مستوئي ٽائيم نيوز سان رابطو ڪري ٻڌايو ته منهنجو سئوٽ گم ٿيڻ جهڙو نه آهي اسانکي شڪ آهي ته هن کي گهر ايندي رستي مان اغوا ڪيو ويو آهي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • خانپورمهر : هڪ نينگري ٻڏي فوت، ٻن کي بچايو ويو

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل

  • گمبٽ ۾ هٿياربندن هٿان دڪاندار گولي هڻي زخمي

  • دوڙ ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ، ساهرن تي قتل جو الزام