ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ محمد حنيف جمالي ۾ سارين جي فصل ۾ برساتي پاڻي ڇنڊڻ واري معاملي تان سالن هٿان قتل
ٿيل ڀيڻوي زاهد علي جمالي جي قتل ڪيس جي ايف آءِ آر نمبر 82/2023 قلم 302/324/114 تحت فوتي نوجوان زاهد علي جمالي جي ڀاءُ الطاف ولد سومرو جمالي جي فرياد تي چئن ڄڻن هرهڪ شاهه مراد جمالي، جاويد جمالي
خدا ڏنو جمالي ۽ روعب علي جمالي خلاف جمع جي رات دير سان قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. رابطو ڪرڻ تي ٽنڊوباگو ٿاڻي جي وڏي منشي ٻڌايو ته قتل ۾ ملوث جوابدار گهر ڇڏي ڀڄي ويا آهن. ڪوبه جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي