ٽنڊو باگو( ن پ ا)ٽنڊوباگو: ٽنڊوباگو مان 5 ڏينهن اڳ مبينا طور تي اغوا ٿي ويل ستين ڪلاس جي شاگرد شاهد زئور جي بازيابي لاءِ ڳوٺ حاجي احمد زئور وٽ زئور برادري جي سوين ماڻهن پاران ڌرڻو هنيو ويو
شاگرد جي امڙ زليخان زئور جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوباگو بدين روڊ تي لڳل ڌرڻ سبب ڪيتريون ئي گاڏيون بيهجي ويون، احتجاج ڪندڙن پاران ڇتي نعريبازي ڪئي وئي
شاگرد جي مائٽن جو چوڻ هو ته جوابدارن جي ڄاڻ هجڻ باوجود شاهد کي 5 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس بازياب ناهي ڪرائي سگهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي
ايس ايڇ او انور لغاري احتجاج ڪندڙن وٽ پهچي شاگرد جي بازيابي جي خاطري ڪرائي جنهن تي ڳوٺاڻن مسئلو فوري حل ڪرائڻ جي گهر ڪئي
ايس ايڇ او ٽنڊوباگو انور لغاري ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڳالهيون ڪيون پر مظاهرين ايس ايڇ او کي ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو