ٽنڊوجان محمد (ن پ ا) ٽنڊو جان محمد ديهه 264 ۾ رٻاري ۽ جٽ برادري جي ماڻھن ۾ جهيڙو، ڪھاڙيون ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا 4 ڄڻا زخمي
زخمين کي رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊو جان محمد ۾ طبي امداد فراهم ڪئي وئي. جٽ برادري جي ماڻهن کي حيدرآباد ۽ ريٻاري برادري جي ماڻهن کي ڊگھڙي ريفر ڪيو ويو، جٽ ڌر جي زخمين جو چوڻ ھو رٻارين جي دڪان تان سامان ورتو دڪاندار کي اگهه صحيح لڳائڻ جو چيو
جنھن تي بدتميزي ڪندي وڙھي پيا. جڏهن ته ريٻاري ڌر جي زخمي سومار ولد سومون رٻاري ۽ ڦوٽو ولد موريو رٻاري زخمي ٿي پيا. ھنن جو چوڻ ھو ته اسان ڪيبن تي ويٺل هئاسين اوڌر جا پئسا گهرڻ تان سعيد جٽ، عالم جٽ، رمضان جٽ ۽ عديل جٽ وارن لٺين ڪهاڙين سان حملو ڪري زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا
انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف پوليس ٻنھي ڌرين کي علاج لاءِ ليٽر ڏنو ۽ ٻنھي ڌرين جي اين سي داخل ڪئي وئي آهي