ٽنڊو جان محمد: پسند پرڻي تان گوليون هڻي زخمي ڪيل نوجوان فوت

جُولاءِ 28, 2023

ٽنڊو جان محمد(ن پ و) ٽنڊوجان محمد ۾ پسند جي پرڻي تان گوليون هڻي زخمي ڪيل نوجوان اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو، پوليس تي جوابدار گرفتار نه ڪرڻ جا الزام هنيا ويا

شهر ۾ پسند جو پرڻو ڪرڻ تان  2 ھفتا اڳ سالي پنھنجي ڀيڻويي دائم علي خاصخيلي کي گولي ھڻي زخمي ڪيو ھو جيڪو حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل هو لاڳيتو علاج جاري رهڻ بعد اڄ صبح سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو ، وارث لاش ٽنڊوجان محمد کڻائي آيا

 فوتي نوجوان جي وارثن لاش روڊ تي رکي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو  ۽ پوليس خلاف سخت نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي  مقتول دائم علي خاصخيلي جي والده آسيه ۽ والد نياز خاصخيلي جو چوڻ ھو پوليس اسان جو ڪيس داخل ڪرڻ لاء تيار نه ھئي احتجاج بعد  ٻن جوابدارن وقار ۽  ستار خاصخيليءَ خلاف ڪيس داخل ڪيو ھو

هنن الزام هنيو ته  پوليس هڪ جوابدار وقار کي ته گرفتار ڪيو پر  ستار خاصخيلي کي گرفتار ناھي ڪيو کيس فوري طور گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي

 ٻئي طرف ايس ايڇ او جو چوڻ ھو ته مک جوابدار وقار خاصخيلي کي  گرفتار ڪيو آهي  ٻئي جوابدار ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي ورتي آھي ھاڻ جوابدارن  تي 302 جو قلم لڳندو، ڪورٽ پاران جوابدار جي ضمانت رد ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويندو

Leave A Comment