ٽنڊو غلام حيدر ويجهو حادثو، عورت فوت،2 ڄڻا زخمي

جُون 4, 2025

ٽنڊوغلام ( پنهنجي ڊيسڪ ) ٽنڊي غلام حيدر ويجهو حيدرآباد بدين باءِ پاس پي ڪي هوٽل وٽ اناج سان ڀريل  ٽريڪٽر ٽرالي  موٽرسائيڪل مٿان چڙهي وئي جنھن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ھڪ عورت سدوري حاجاڻون ٿڏي تي فوت ٿي وئي ،خديجا حاجاڻو، نبي بخش حاجاڻو  سخت زخمي ٿي پيا،  فوتي عورت جو لاش زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو،  جتي طبي امداد ڏيڻ بعد زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو  ويو، حادثي جو شڪار  خاندان ٽنڊوغلام حيدر جي يونين ڪائونسل  نظرپور جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن

لاڳاپيل پوسٽون

  • مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻين جي پڪي ضمانت منظور

  • بينظير هائوسنگ سيل ملازم برطرفي، عدالت پاران ڪاوڙ

  • ڪراچي ۾ زلزلي جا لوڏا، ماڻهن ۾ خوف

  • ٺل لڳ ڏير هٿان ڀاڄائي قتل