ٽنڊوغلام علي(رپورٽ:نزاڪت علي ڀٽي) ٽنڊو غلام علي ۾ گڏهن جي عالمي پڙي لڳي وئي، اعليٰ نسل جا خچر، خودا ۽ گڏهه وڪري لاءِ موجود آهن جڏهن ته خريدارن جو پڻ وڏو انگ پهتل آهي
ٽنڊوغلام علي ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي گڏھن جي پڙي ھڪ ڏينهن لاء شهر جي واٽر سپلاءِ جي پلاٽ ۾ لڳائي وئي آھي جنهن ۾ اعليٰ نسل جا گڏهه، لاسي، ٽامڙي خچر ٿري ننڍا خودن، وڏا خودن سميت مختلف نسل جا گڏھ آندا ويا آهن
ھن پڙي ۾ خريد ۽ فروخت لاءِ سنڌ، پنجاب، بلوچستان سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو خريداري لاءِ پهچن ٿا، ڪراچي، لاڙڪاڻو، دادو، بدين، ٿر، ٽنڊولهيار ۽ ماتلي سميت ٻين ننڊن وڏن شهرن مان واپاري گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ پهتا
واپاري پنهجي گڏھن کي سينگاري پسند جا نالا راڪيٽ ڪبوترن بجلي ۽ ھوائي رکياآهن ان موقعي تي واپارين ٻڌايو ته ھن سال خريداري گهٽ ٿي آھي مھنگائي سبب ڪيترائي واپاري نه پهتا آھن
پڙي ۾ مهانگي ۾ مهانگو لاسي گڏھه نجف دايي جو 3 لک رپين ۾ وڪامجي ويو