| ٽنڊو محمد خان مال پڙي کي پوليس جو ڪڙو، ڍور کڻي آيل گاڏيون واپس، ڊرائيورن تي مبينا تشدد، احتجاج |
ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي ٽنڊوسائينداد مال پڙي کي بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس مال پڙي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، ڪراچي حيدرآباد، سکر سميت سنڌ جي مختلف علائقن کان چوپايو مال جي خريد و فروخت لاءِ آيل واپارين جي گاڏين کي واپس روڊن تان موٽايو ويو، مزاحمت ڪرڻ جي ڪوشش تي چوپايو مال کڻي ايندڙ گاڏين جي ڊرائيورن کي مبينا طور مارڪٽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن تي مال پڙي جي واپارين ، سول سوسائٽي، سياسي سماجي تنظيمن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، سول سوسائٽي جي عبدالحفيظ سٺيو، عوامي تحريڪ جي هرچند لال، جسقم جي ظهور هاليپوٽو، قومي عوامي تحريڪ جي ونود ڪمار، سنڌ نيشنل پارٽي جي دودو هاليپوٽو، مالوند حاجي الهڏنو، عبدالمجيد ڇٽو ۽ ٻين چيو ته مال پڙي کي بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مال کڻي ايندڙ گاڏين کي واپس موٽايو پيو وڃي، هي سياسي انتقامي ڪارروائي آهي جنهن جي مذمت ڪريون ٿا، هنن چيو ته اڳوڻي ايم پي اي حسنين مرزا جي ٽنڊو محمد خان ۾ پير احمد سعيد جان سرهندي سان ملاقات بعد ايم پي اي اعجاز شاهه مال پڙي بند ڪرائي رهيو آهي، پير احمد سعيد اليڪشن ۾ پ پ اميدوار سامهون بيٺو هو، هنن چيو ته واپارين کي تنگ ڪرڻ بند ڪيو وڃي، مال پاڙي تان پوليس هٽائي واپار بحال ڪيو وڃي، پ پ مخالف اتحاد جي تازو ضلعي ڪائونسل جي ميمبر واري سيٽ تان استعيفا ڏيندڙ پير احمد سعيد جان سرهندي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته جي ڊي اي جي اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي فرزند حسنين مرزا جي ملاقات بعد پ پ ايم پي اي اعجاز شاهه انتقامي ڪارروائي ڪري رهيو آهي، سنڌ جي مختلف علائقن کان پوليس فورسز کي طلب ڪري ڪارروائي ڪئي وئي، مال پڙي کي بند ڪرائڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بنائڻ لاءِ عدالت ۾ اپيل ڪنداسين.